واشنگٽن – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ??مر??ڪا جي سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول پريونشن پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2023ع ۾ 49 هزار 500 ??اڻ??ن آپگهات ڪيو، اهي شروعاتي انگ اکر آهن ۽ انهن ۾ اضافو ممڪن آهي ڇو جو وڌيڪ ڊيٽا جو تجزيو ڪيو پيو وڃي. ميڊيا اداري جي رپورٽن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 2023ع جي حتمي رپورٽ مطابق اٽڪل 49 هزار 500 ??اڻ??ن آپگهات ڪيو آهي. سي ڊي ايس جي اختيارين چيو آهي ته اهو انگ گذريل 2 سالن دوران آپگهات جي شرح جي ويجهو آهي. آپگهات جي واقعن جو مطالعو ڪندڙ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ پبلڪ هيلٿ جي پروفيسر ڪيٿرين ڪيز چيو آهي ته ??مر??ڪا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي شروعات کانپوءِ ٻن سالن کي ڇڏي آپگهات جي شرح اٽڪل 20 سالن کان وڌي رهي آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته آپگهات ملڪ ۾ فوتگين جو 11 هون وڏو سبب آهي جيڪو ٻ??ن عملن سبب وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ٿي سگهي ٿو، انهن عملن ۾ ڊپريشن جي اعليٰ شرح ، دماغي صحت جي خدمتن جي محدو?? دستيابي ۽ هٿيارن جي آساني سان دستيابي شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 10 کان چوڏنهن سال ۽ 20 کان 34 سالن جي عمر جي ??اڻ??ن جي موت جو ٻيون جڏهن ته 15 کان 19 سالن جي عمر جي ??اڻ??ن لاءِ موت جو ٽيون اهم سبب آپگهات هو. ڇوڪرين ۽ عورتن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن ۽ مردن ۾ آپگهات جو انگ اڃان به وڌيڪ آهي.
آمريڪا ۾ 2023ع دوران 49 هزار 400 ماڻهن آپگهات ڪيو: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo