باڪو _25 نومبر (اي پي پي ) گڏيل ق??من ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ مل??ن جي مدد لاءِ 300 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو آهي پر ڪجهه مل??ن ان کي ناڪافي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماحولياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حوالي سان گڏيل ق??من جي انتظام هيٺ مشاورتي سيشن آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ منعقد ٿيو ، جنهن ۾ تيل جي صنعت پڻ ??حث هيٺ آئي . اها رقم انهن پٺتي پيل مل??ن کي ڏني ويندي جن کي ڪوئلي، تيل ۽ گيس سبب ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن لاءِ روڪ رقم جي ض??ورت آهي ڇو ته انهن شين جي استعمال سبب گلوبل وارمنگ ٿيندي آهي . اهڙي طرح ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ به انهي رقم ذريعي مدد فراهم ڪئي ويندي. اسرندڙ مل??ن طرفان 13 کرب ڊالرن جو مطالبو ڪيو ويو هو جنهن جي ڀيٽ ۾ اها رقم تمام گهٽ آهي پر 2009 ۾ ٿيل معاهدي جو ٽيون حصو آهي . ان معاهدي مطابق هر سال 100 ارب جاري ڪرڻا هئا . اهو معاهدو هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. موجوده رقم جي حوالي سان مشوري ۾ شريڪ ڪجهه مل??ن جي وفدن اميد جو اظهار ڪ??دي چيو ته هاڻي معاملو صحيح رستي تي آهي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ رقم جو انتظام پڻ ڪيو ويندو.
گڏيل قومن پاران ماحولياتي تبديلي سبب متاثر پٺتي پيل ملڪن جي مدد لاءِ 300 ارب ڊالرن جو معاهدو
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی