رياض-03 ڊسمبر (اي پي پي )سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض جي قصر اليمامه ۾ فرانس جي صدر جي آجيان لاءِ باضابطه تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. ملاقات دوران سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ۽ مختلف شعبن ۾ ??هڪ??ر وڌائڻ جي گڏيل ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ، گڏيل ڳڻتي وارن معاملن ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي صدر جي موجودگي ۾ سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ڪا??ون??ل جوڙڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن ??رحان ۽ فرانس جي وزير ۽ پرڏيهي وزير نويل باروٽ صحيحيون ڪيون.
سعودي عرب جي ولي عهد سان فرانس جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر