لنڊن -05 ڊسمبر (اي پي پي ) انساني حقن جي عالمي اداري ايمنسٽي انٽر نيشنل جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزه ۾ گذريل سال شروع ٿيل جنگ جي شروعات سان ئي فلسطينين جي نسل ??شي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ جي حوالي سان چيو آهي ته ان ۾ موجود معلومات اسرائيلي حڪومت ۽ عسڪري اڳواڻن جي غير انساني ۽ نسل ??شي جا بيان سيٽ لائيٽ تصويرن ۽ زميني حقيقتن تي ٻڌل آهن . ايمنسٽي انٽر نيشن?? جي اڳواڻ ايڪنس ڪي??ا مارڊ جاري ڪي?? بيان ۾ چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان اسرائيل غزه ۾ فلسطينين سان انسانن سان گهٽ درجي جي مخلوق وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي جيڪو انساني حقن يا تعظيم جي قابل نه هجي اهي فلسطينين جي وجود کي باقاعده تباهه ڪرڻ جي اسرائيلي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو . هن رپورٽ جي حوالي سان چيو ته واضح شاهدين تي ٻڌل اهي نتيجا عالمي برادري کي جاڳائڻ يا خبردار ڪرڻ لاءِ ڪافي هجڻ گهرجن. اها نسل ??شي آهي ان کي ان ئي وقت رکڻ گهرجي . ايمنسٽي جي اڳواڻ ايڪنس ڪي??ا مارڊ پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ان ۾ ڪو به شق ناهي ته اسرائي?? جي عسڪري مقصدن سبب نسل ??شي جي ارادن کي رد نٿو ڪري سگهجي. رپورٽ ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان هلندڙ سال 20 اپريل وچ ۾ 15 حملن جو ذڪر ڪي?? ويو آهي پر عسڪري مقصد هجڻ سان نسل ??شي جي ارادن جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي . رپورٽ ۾ 141 ٻارن سميت 334 شهري شهيد ٿيا انهن واقعن ۾ ايمنسٽي انٽر نيشنل کي اهڙيون ڪي به شاهديون ناهن مليون. اهي حملا عسڪري مقصدن جي حوالي سان ڪيا ويا هيا .رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته فلسطينين کي غذا جي گهٽتائي ، بک ۽ بيمارين جو نشانو بڻايو ويو آهي انهن کي آهستي آهستي موت طرف ڌڪيو ويو آهي . جنگ جي شروعات کان گهٽ ۾ گهٽ 44 هزار 532 ماڻهون غزه ۾ شهيد ٿي چڪا آهن.
اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي: ايمنسٽي انٽر نيشنل جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : پاور بال