اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاناما ليڪس ڪيس ۾ درخواست گذارن طرفان وزيراعظم محمد نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ، شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ، مني لانڊرنگ سميت 7 الزام رد ??ري ڇڏيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزي?? ايم اين اي دانيال عزيز سان گڏ پي آءِ ڊي جي مي??يا سينٽر ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواهشن جي سمورين درخواستن کي رد ??ري ڇڏيو آهي، نواز شريف ۽ اسان جي پارٽي سرخرو ٿي، اڄ جمعي ڏينهن شڪراني جا نفل ادا ڪنداسين، پاڪستان ۽ وزيراعظم جي ڪاميابين لاءِ دعائون گهريون وين??يو??.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی