بيجنگ – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چ??ن جي هر قسم جي حالتن ۾ جاري اسٽريٽجڪ تعاو?? تي ٻڌل حصيداري جي استحڪام سان پاڪستان ۽ چ??ن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۽ ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ گڏيل منصوباسازي ۾ مدد ملندي. چ??ن جي وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان 2 کان 5 نومبر 2018ع تائين چ??ن جو دورو ڪري رهيو آهي، دوري دوران وزيراعظم عمران خان چ??ن جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽين??نگ ڪميٽي جي چيئرمين لي زن شو ۽ چ??ن جي نائب صدر وانگ ڪي شان سان ملاقاتون ڪيون آهن. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، گڏيل اعتماد جو ??ظا??رو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن، علائقائي ۽ عالمي مسئل?? تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي اسڪول جي هڪ تقريب کي خطاب پڻ ڪيو، بيجنگ سان گڏوگڏ وزيراعظم عمران خان شنگهائي جو دورو پڻ ڪيو جتي هو اڄ سومر ڏينهن پهرين چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو. پاڪ چين تاريخي لاڳاپن جي ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن ۾ وڌيڪ سگهه ۽ استحڪام جو جائزو پڻ ورتو ويو. دوري دوران ڌرين پاڪ چين دوستي کي هر وقت ۾ قائم رهڻ، مقامي، علائقائي ۽ عالمي تبديل??ن جي باوجود سدائين مستحڪم رکڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان ۽ چ??ن جي قيادت مستقبل ۾ به هر قسم جي حالتن ۾ پاڪ چين گڏيل اسٽريٽجڪ تعاو?? تي ٻڌل حصيداري، پاڪ چين عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل تعاون تحت دوستي کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان ۽ چين سال 2005ع ۾ دوستي، تعاون ۽ سـٺي پاڙيسر??ن جي لاڳاپن جي حوالي سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم جي بيجنگ جي دوري جي موقعي تي جاري گڏيل پڌرنامي موجب سياسي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان سٺن پاڙيسرين، ويجهن دوستن، گڏيل ڀائيچاري ۽ اعتماد تي ٻڌل حصيداري جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم عمران خان جي بيجنگ دوري جي موقعي جاري گڏيل پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر