اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا جي دوري تان واپسي تي شاندار استقبال ڏسي کيس لڳي رهيو آهي ته هو ورلڊ ڪپ کٽي و??پس آيو آهي، واعدو ڪريان ٿو ته قوم کي مايوس نه ڪندس، چورن ۽ ڦورئن پاران لٽيل پئسو واپس آڻي عوام تي خرچ ڪنداسين، اسان کي ملڪ جا ادارا ٺيڪ ڪرڻا آهن، اهو ڏينهن ??ري ناهي جڏهن اهو ملڪ دنيا جو عظيم بڻجندو پنهنجي قوم کي ڪنهن جي سامهون جهڪڻ نه ڏ??ندس. آمريڪا جي دوري تان واپسي ت?? اسلام آباد ايئرپورٽ تي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي و??يراعظم چيو ته والهاڻ?? استقبال تي هو سمورن ڪارڪنن جو ٿورو ادا ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : بونانزا