اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪجهه عنصرن پاران اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ حڪومتي اعليٰ شخصيتن تي بنا ڪنهن ثبوت جي الزام هڻڻ ۽ وزيراعظم سميت وزيرن جي زندگي کي پروپئگنڊه جو نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڪابينا بي نامي ٽرانزيڪشن جي روڪٿام جي قانون تحت مختلف ڪيسن کي حل ??رڻ جي لاءِ بينچز جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي ٻ??ايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي ڪابينا ان ڳالهه تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڪجهه عنصرن پاران اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ حڪومتي اعليٰ شخصيتن تي بنا ڪنهن ثبوت جي الزام هنيا پيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil