اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جو عوامي شڪايتن جي بهتر حل جو مشن جاري آهي. پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي لاءِ پاڪستان سٽيزن پورٽل بابت و??ڪش??پ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران جاري خط ۾ آءِ جي پنجاب، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي پي اوز کي ذاتي ??ور تي ٽريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏن?? ويو آهي. و??ڪش??پ ۾ سمورن اعليٰ آفيسرن کي وڊيو لنڪ ذريعي شڪايتن جي حل تي تفصيلي بريفنگ ڏن?? ويندي. برينگ وزيراعظم جي آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران ڏن?? ويندي. و??ڪش??پ ۾ اعليٰ آفيسرن جي سدطح تي عوامي شڪايتن جي صحيح ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاليسي سازي تي بريفنگ ڏن?? ويندي. پنجاب پوليس کانپوءِ باقي صوبن جي اعليٰ پوليس آفيسرن کي پڻ سکيا ڏن?? ويندي. واضح رهي ته آءِ جي پنجاب جي آفيس پاران تفصيلي آڊٽ ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن جو و??ڪش??پ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکيا هن ئي هفتي منعقد ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن لاءِ ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری