اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل منصوبن ت?? جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري جا حامل ملڪ آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل جاپان جي سفير ڪني نوري مستودا سان ڳالهائيندي ??ئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين جاپان جي سفير کي ٻڌا??و ته پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وانگر اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چ??و ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد اسٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي جديد ترين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفا??ي وزير جاپان جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چ??و ته انساني وسيلن جي تربيت جي فراهمي ۾ جاپان جو تعاون ضروري هوندو. اطلاعات واري وفا??ي وزير گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڏيندي ????و ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وزير فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ جاپان سان گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين ۽ جاپان جي سفير ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
حڪومت اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش