اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ۽ راندين جي فروغ جي حوالي سان ليگ جي مثبت ??ثرن تي ڳالهه ٻولهه ٿي?? آزاد ڪشمير ۾ انتظامي ڍانچي جي حوالي سان سڌارن واري ايجنڊا ۽ حڪومتي نظام ۾ شفافيت ۽ عوامي خدمتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن تي به ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي?? وزيراعظم عمران ان چيو ته فرق واضح آهي، جتي هڪ طرف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عوامي ڀلائي جا قد?? ۽ ??وجوانن جي ذهني ۽ جسماني تربيت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ راندين جي فروغ لاءِ عالمي سطح جي ڪرڪيٽ ليگ منعقد ڪرائي وئي اتي ٻئي طرف ڀارتي گهيراءُ ۾ مظلوم ڪشميرين کي غيرقانوني ڀارتي گهيراءُ ۽ ظلم درپيش آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر