دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خطي جا سمورا اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق آهن ته افغانستان ۾ استحڪام لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستا?? جي صورتحال ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وز??راعظم جي تاجڪستا?? جي دوري ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي اسا?? جي بيلاروس، ازبڪستان، ايران ۽ قزاخستا?? جي صدرن سان اهم ملاقاتون ٿيون، وز??راعظم عمران خان ملڪي سربراه?? جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وڌيڪ ڌيان افغانستان تي رهيو آهي، دلچسپ موقف ٻڌڻ لاءِ مليو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ جامع حڪومت لاءِ اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان ڳالهه تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق آهي ته افغانستا?? جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته افغانستان چوواٽي تي بيٺل آهي، اسان خطي جي اڳواڻن کي باور ڪرايو آهي ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پوري خطي لاءِ خطرناڪ هوندو، ان صورتحال جو سموري ليڊرشپ کي ادراڪ آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ترڪمانستان، ازبڪستان، قزاخستان ، ايران ۽ پاڪستان جا سربراهه هتي موجود آهن، سڀاني چين جو پرڏيهي وز??ر به هتي اچي رهيو آهي، اسان هڪ حل طرف اڳتي وڌي رهيا آهيون، افغانستا?? جي استحڪام لاءِ سمورن پاڙيسرين گڏجي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪري رکيو آهي.
خطي جا سمورا اڳواڻ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ تي متفق آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث