اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي آر وائي نيٽ ورڪ جي باني سي اي او ۽ ڪراچي ڪنگز جي مالڪ س??ما?? اقبال کي ستاره امت??از ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته س??ما?? اقبال پي ايس ايل جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته س??ما?? اقبال جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري ڪيترائي عالمي رانديگر پاڪستان آيا. هن چيو ته س??ما?? اقبال پاڪستان ۾ فلمي صنعت جي فروغ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، اي آر وائي ڊيجيٽل نيٽ ورڪ ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ريليز ڪيون. هن چيو ته ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ غيرمعمولي خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان رياست پاران س??ما?? اقبال کي ستاره امت??از ملڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته س??ما?? اقبال ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز