اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چ??و آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ??ري ٿي، پاڪستان جي هٿياربند فوج امن، داخلي ۽ خارجي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن آهي، عالمي امن ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري رهي ??هي. هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??اليج ڪوئيٽا ??ي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??اليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جي يادگار ??ي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??ورس 2021 / 2022 ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪاميابين ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون بي مثال آهن جنهن جو سڄي دنيا ڀرپور اعتراف ??ري ٿي. هٿياربند فوج قدرتي آفتن دوران قوم جي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو ??هي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادارو آهي ۽ قوم جو فخر ??هي. وزيراعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ سالميت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آزادي هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي مرهون منت ??هي.
دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil