ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ??رجيل انعام ميمڻ چيو آ??ي ته ڪشمير ??ي آزادي جي جدوجهد کي ڪڌي حربن سان دٻائي نه ٿو سگهجي، نه ئي ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشميري ڀائرن جو رستو روڪي سگهجي ٿو. هن ڪشمير ??ستحصال ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشمير ??ي خصوصي ??يثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران والاريل واديءَ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ امن کي سخت خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. ڪشمير ??ستحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان ي??جه??ي جي لاءِ خصوصي پروگرام، ريليون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪري سگهجي ۽ نئين نسل کي ان بابت آگاهي ڏئي سگهجي.
ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي ڪڌي حربن سان دٻائي نه ٿو سگهجي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ