اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??وا??ائي جي مقامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو اسان جي ??وا??ائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، اسان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان سستي بجلي پيدا ڪنداسين. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول جي پهچ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلوي واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وز??راعظم جي هدايت موجب پاڪستان ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇائ?? ٿر جو مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود بجلي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي مجموعي لاڳت 58 ارب رپيا آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جو اڌواڌ حصو آهي. وز??راعظم منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد ع??ي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي طلب جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق، وز??راعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، ڊي جي ايف ڊبليو او، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وز??ر محمد اسحاق ڊار، ??وا??ائي واري وفاقي وز??ر انجنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق، سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد ع??ي شاهه، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي ??وا??ائي واري وز??ر امتياز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد