اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري ممل??تي وزير حنا رباني کر پيرس ۾ فرانس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ٿيري فليمن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ويوا ٽيڪ فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز، پويو يونيورسٽي ۾ خطاب ڪيو. هن ايسوسيئيشن آف گرينڊ ايڪولس ۽ ڪئمپس فرانس جي هڪ وفد سان ??ه ملاقات ڪئي. پيرس ۾ پاڪستان جي سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ممل??تي وزير جي ٿيري فليمن جوٽوٽل گلوبل ??روسز جي سي اي او به آهي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حنا رباني کر فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اسٽارٽ اپ سيڪٽرز جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ سا?? ويواٽيڪ ايونٽ ۾ پاڪستان جي شرڪت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي معاملن واري ممل??تي وزير پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز پويو يونيورسٽي جي شاگردن سان ”پاڪستان ۽ اڀرندڙ ورلڊ آرڊر“ جي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. هن يونيورسٽي جي فيڪلٽي سان تعليمي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪئمپس فرانس ۽ ڪانفرنس آف گرينڊي ايڪولس ڪي جي نمائندن سان ملاقات ۾ ممل??تي وزير پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ اداراجاتي رابطن ۽ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
حنا رباني کر جي پيرس ۾ فرانس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ