اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي او آءِ سي ميمبرن جي پائيدار واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ”مستقبل بابت ڪميٽي“ جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي. او آءِ سي پرڏيهي واري ڪائونسل جو 49 هون اجلاس 16 – 17 مارچ 2023ع تي موريطانيا ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان جي مدي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي چي??رم??ن شپ باضابطا طور تي موريطانيا جي پرڏيهي وزير محمد سالم اولد مرزوگ جي حوالي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? موجب ڪائونسل جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير اسلامي امت جي ??تح??د جي اهميت ۽ امن، سلامتي ۽ ترقي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ او آءِ ??ي جي ڪردار تي زور ڏنو. هن فلسطين ۽ ڪشمير کي او آءِ ??ي جي گڏيل سببن طور اجاگر ڪيو ۽ افغانستان جي ماڻهن لاءِ عالمي حم??يت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ او آءِ ??ي جي مسلسل حم??يت کي ساراهيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قرارداد?? موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدمن تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي جي خلاف او آءِ ??ي جي قدمن جي حم??يت ڪئي. هن تجويز پيش ڪئي ته او آءِ سي ميمبرن کي پائيدار واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ”مستقبل بابت ڪميٽي“ جوڙي وڃي. ا?? موقعي تي پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ ??ي جي رابطا گروپ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? موجب تڪرار جي حل ۾ او آءِ ??ي جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. ان دوران پرڏيهي وزير آذربائيجان، بحرين، مالديپ، موريطانيا، عمان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن ۽ او آءِ ??ي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير سان يو اين اي او ??ي جي اعليٰ نمائندي ۽ عورتن جي ترقي واري اداري جي سيڪريٽري جنرل پڻ ملاقات ڪئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران او آءِ سي او آءِ سي جي ميمبرن جي پائيدار واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ”مستقبل بابت ڪميٽي“ جوڙڻ جي تجويز پيش
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن