اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دم??غي صحت وڏو چئلينج آهي، ملڪي ذهني صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ٺوس موقف جي ضرورت آهي، ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني صحت جي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ مبتلا آهي، ذهني صحت جي ح??الي سان حڪومت، صحت جي ماهرن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ ميڊيا کي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ايوان صدر ۾ ذهني صحت جي ح??الي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ جو سربراهه سلمان صوفي ۽ نفسيات جا ماهر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن دم??غي صحت جي مسئلن ۾ ورتل ماڻهن کي خدمتون فراهم ڪرڻجي لاءِ هڪ گڏيل نگهداشت جي ماڊل جي ضرورت تي زور ڏنو. سلمان صوفي وزيراعظم سيڪريٽريٽ پاران دم??غي صحت جي خدمتن تائين پهچ جي لاءِ همراز پليٽ فارم ۽ ??ين??ل هيلٿ هيلپ لائين بابت ٻڌايو. شرڪت ڪندڙن بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دم??غي صحت جي مسئلن ۾ ورتل ماڻهن کي لاڳاپيل ذهني صحت جون خدمتون ۽ مشاورت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اڃا تائين 140 نفسياتي ماهر رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، وزيراعظم 23 مارچ 2023ع تي موبائيل ايپ/ ويب پورٽل ۽ 1166 ٽول فري هيلپ لائين جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ دم??غي صحت جي مسئلن جي ح??الي سان سمورن پروگرامن ۽ قدمن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. صدر اجلاس کي خطاب ڪ??دي چيو ته دم??غي صحت جي مسئلن جي ح??الي سان سمورن پروگرامن ۽ قدمن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وزيراعظم پاران دم??غي صحت ۽ تندرستي جي ح??الي سان کنيل قدم کي ساراهي??دي چيو ته وزيراعظم آفيس جي ذهني صحت تي هم آهنگي تمام اهم آهي، وزيراعظم جي دم??غي صحت جي پروگرام ۾ سمورن ٻين ڪمن کي گڏ ڪرڻ گهرجي. صدر زهني صحت جي ح??الي سان اين جي اوز ۽ تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته صحت جي عالمي اداري حڪومت پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو، قدم جي ح??ايت جو اظهار ڪيو.
دماغي صحت وڏو چئلينج آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر