اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت پاڪستان قونصلر رسائي بابت 2008ع جي معاهدي جي ??قن موجب پاڪستان ۾ موجود 308 ڀارتي قيدين (42 سويلين ۽ 266 مهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن جي ??والي ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان طرفان جاري بيان موجب ڀارتي ??ڪومت ڀارتي ??يلن ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ??والي ڪري ڇڏي. فهرست موجب ڀارت جي ??يلن ۾ ڪل 417 پاڪستاني (343 شهري ۽ 74 مهاڻا) قيدي آهن، بيان موجب پاڪستان ڀارتي ??ڪومت تي ??ور ڀريو آهي ته هو انهن سمورن پاڪستاني شهري قيدين ۽ ماهيگيرن کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي قومي حيثيت جي ??صديق ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي ????اس?? ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪندا آهن. هي مٽاسٽا قونصلر رسائي جي معاهدي تحت ٿيندي آهي جنهن تي 21 مئي 2008ع تي ??حيحيون ٿيون هيون.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا، پاڪستان 308 ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارتي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا