اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف من??وب?? جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پا??ستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چي?? ته پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري رکندڙ منفرد لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ آئرن برادرز ۽ هڪ ٻئي جا اعتماد جوڳا دوست آهن. نگران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ويزن خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چي?? ته چين پا??ستان اقتصادي لنگهه من??وب?? سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ ٽيڪنالاجيڪل لاڳاپن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته پا??ستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف من??وب?? جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آ??ي. چين جي سفير جي نگران وزيراعظم سان پا??ستان ۾ بطور سفير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ اها پهرين ملاقات هئي. نگران وزيراعظم چيني سفير کي سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو.
پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب