گڏيل قومون-01 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل کان فلسطين ۽ ڪشمير ۾ قابض پرڏيهي فوجن طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪڻ جو مطالبوڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي ۾ گڏيل قومن جي 47 رڪني انساني حقن واري ڪائونسل جي طريقيڪار ۾ امتيازي سلوڪ ۽ ٻٽي معيار کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چ??و ته انساني حقن کي ??ام?? ۽ متوازن انداز ۾ هٿي ڏيڻ گهرجي. جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل جي صدر جي سالياني رپورٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستاني سفير چ??و ته ڪائونسل کي انساني حقن جي وڏي پئماني تي ٿيل ڀڃڪڙين کي روڪڻ گهرجي جيڪي پرڏيهي قبضي ۽ مداخلت جي حالتن ۾ ٿينديون آهن. هن چ??و ته غزه ۽ والاريل فلسطين ۾ جيڪي دل ڏاريندڙ قتل عام ٿي رهيو آهي اهو اسان جي ٽيليويزن جي اسڪرينن تي نظر اچي رهيو آهي، هن چ??و ته قابض طاقت اسرائيل کي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان انهن خلاف ورزين جي جوابدهي کان ڇوٽ حاصل آهي. پاڪستاني نمائندي چ??و ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي ٿيل انساني حقن جون ڀڃڪڙيون به واضح آهن. هن چ??و ته ٻنهي صورت ۾ قابض طاقتن اسرائيل ۽ ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ جي آڙ ۾ آزادي جي جائز جدوجهد کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اسرائيل فلسطين تڪرار جو حوالو ڏيندي چ??و ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ پرڏيهي قبضي کي برقرار رکڻ خاطر اجاگر ڪري ٿي، هن دنيا جي ڪجهه حصن ۾ نسلي نفرت، مذهبي بالادستي ۽ انتهائي ۽ پرتشدد قوم پرستي ۽ فاشزم ج?? عروج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي پڻ زور ڀريو. هن چ??و ته اسلامو فوبيا مسلمانن خلاف امتيازي سلوڪ ۽ حملا، حجاب تي پابندي، قرآن پاڪ جي بي حرمتي، ??ست??خي واري خاڪن ۽ اسلامي نشانين ۽ مقدس ماڳن جي ٽوڙ ڦوڙ نئين مظاهر جو هڪ وڏو عنصر آهي. اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙين ڪاررواين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چ??و ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا وبا وانگر پکڙجي رهيو آهي جنهن سان مسلمانن جي نسل ڪشي جو خطرو آهي. هن چ??و ته ڪائونسل کي ان نسل ڪشي جي خطري کي سڌو سنئون منهن ڏيڻ گهرجي.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل فلسطين ۽ ڪشمير ۾ قابض پرڏيهي فوج طرفان سنگين ڀڃڪڙين کي روڪي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل