اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي مختلف ميمبرن جي قو??ي ۽ صوبائي اسيبلي جي ميمبر طور حلف کڻڻ سبب خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول ج??ري ڪري ڇڏيو. انهن سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان ج??ري شيڊول مطابق سيد يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري قو??ي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. نثار کهڙو، ڄام مهتاب حسين ڊاهر سنڌ اسيمبلي جڏهن ته سرفرار احمد بگٽي، پرنس احمد عمرزئي بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. انهن جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ حلف سان خالي ٿيل سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول ج??ري ڪيو ويو جنهن تحت اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 ۽ 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 3 مارچ جڏهن ته انهن جي جانچ پڙتال 5 مارچ تي ٿيندي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 7 مارچ، انهن تي ٽريبيونل جي طرفان فيصلا 9 مارچ جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تي واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 14 مارچ تي پارليامنٽ هائوس، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جي عمارتن ۾ 9 کان 4 وڳي تائين ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات