اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر ر??جا پرويز اشرف چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي خلوص نيت سان عوا?? جي اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي پنه??جي الوداعي خطاب ۾ هن چ??و ته ايوان جو 22 هون اسپيڪر بڻجڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چ??و ته نون چونڊيل ميمبرن کي ديانتداري ۽ خلوص نيت سان عوا?? جي اجتماعي مسئلن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي ??ل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ تي پنه??جي تاريخي خطاب ۾ هن ايوان کي مڪمل اختيارن جو مالڪ ۽ بهترين ادارو قرار ڏنو هو. هي اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان گڏيل تعاون ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪريون. هن چوڻ هو ته هي ايوان عوا?? جي اجتماعي شعور جو ادارو آهي، عوام جون نظرون اسان سڀني تي آهن، اسان کي پنه??جي طرز عمل سان ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، محمد نواز شريف، ميان شهباز شريف ۽ ٻين پارلياماني پارٽين جو ٿورو مڃيو. هن نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ چ??و ته ٽيون ڀيرو اسپيڪر بڻجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار آهي. هن نئين اسپيڪر لاءِ پنه??جي نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.
قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي خلوص نيت سان عوام جي اجتماعي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر