اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪم?? حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خ??رو نوزيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خ??رو نوزيري وزيراعظم کي اي سي او جي قدمن ۽ پنهنجي مقرري دوران اي سي او کي بحال ڪرڻ جي پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم اي سي او کي علائقائي تعاون جي پليٽ فارم جي طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ?? مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خ??رو نوزيري پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي مان فارغ ٿيو هو جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اي سي او سڌاراجاتي ايجنڊا جي لاءِ مڪم?? حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته اي سي او ويزن 2025ع جي اهم دستاويز تي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سرپرستي ۾ اسلام آباد ۾ 2017ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون جيڪو اي سي او جي لاءِ هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي لاءِ اها ڳالهه به فخر جوڳي آهي ته اي سي او جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان، پاڪستان جو اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رهي چڪو آهي. خ??رو نوزيري اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي پاڪستان پاران مسلس?? حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز