اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي چونڊ (ٻي ??رم??م) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت مقرر آئيني مدي کانپ??ءِ ڪو به ميمبر هڪ پارٽي ۾ شموليت کانپ??ءِ ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ شامل نه ٿي سگهندو، جيڪا پارٽي مخصوص سيٽن لاءِ پنهنجي ترجيحي فهرست جمع نه ڪرائيندي اها مخصوص سيٽن جي اهل نه هوندي، رٽرننگ آفيسر وٽ پارٽي ٽڪيٽ جمع نه ڪرائيندڙ اميدوار آزاد تصور ٿيندو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين رانا ارادت شريف خان، چونڊ (ٻي ??رم??م) بل 2024ع تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. بل??ل اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ??رم??م) بل 2024ع غور هيٺ آڻڻ لاءِ لاڳاپيل قاعدا معطل ڪيا وڃن. ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ بل??ل اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ??رم??م) بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي. سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر صاحبزاده صبغت الله ۽ علي محمد خان بل ۾ ??رم??مون پيش ڪيون جن جي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ مخالفت ڪئي. صاحبزاده صبغت الله چيو ته هي ??يڪٽ آئين جي آرٽيڪل 119 ۽ 112 جي ڀڃڪڙي ۽ آئين جي ابتڙ آهي، اسان سمجهون ٿا ته بل جو جائزو وٺڻ لاءِ ان کي وسيع بنياد تي سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي. علي محمد خان پنهنجي ??رم??م جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته پارليامينٽ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ درست ناهي، اڄ مون کي جيڪڏهن پنهنجو حق ملي رهيو آهي ??ه سڀاڻي مون کي ان حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي. اهو حق اسان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپ??ءِ ملي چڪو آهي ??ن بل کي رد ڪريون ٿا، قانونسازي ملڪ جي مفاد ۾ ٿيڻ گهرجي، ان بل خلاف اسان سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين. جنهن جي جواب ۾ قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ ??يو ته قانونسازي هن مقدس ايوان جو اختيار آهي ۽ هي قانونسازي آئين جي روح موجب آهي. اها ??رم??م ڪنهن جو رستو روڪڻ لاءِ ناهي، انهن جي 81 ميمبرن الله کي حاضر ناضر ڄاڻي اهو حلف نامو جمع ڪرايو هو ته سندن تعلق پي ٽي آءِ سان ناهي پر سني اتحاد ڪائونسل سان آهي. اعظم نذير تارڙ ??يو ته آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 تحت اهڙي پارٽي جنهن ان پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو ئي نه ورتو هجي ان کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن. ايوان مان بل تي پهرين خواندگي جي رٿ منظور ٿيڻ بعد اسپيڪر هڪ ٻئي پويان بل جي سمورين شقن جي ايوان مان منظوري حاصل ڪئي. بل ۾ بل??ل اظهر ڪياني ۽ زيب جعفر رٿون پيش ڪيون جن جي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ مخالفت نه ڪئي. ايوان مان ??رم??مون منظور ٿيڻ کانپ??ءِ بل ۾ شامل ڪيون ويون. بل??ل اظهر ڪياني چيو ته جيڪي ??رم??مون آنديون ويون آهن اهي پهريان کان ئي آئين ۾ لکليل آهن، ڪو اميدوار رٽرننگ آفيسر وٽ پارٽي ٽڪيٽ جمع نه ڪرائيندو ته اهو آزاد اميدوار تصور هوندو. ٻي ??رم??م اها آهي ??ه مقرر وقت تائين جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي پنهنجي مخصوص سيٽن جي ترجيح فهرست جمع نه ڪرائي ته اها مخصوص سيٽن لاءِ اهل ناهي ??ڏهن ته ان کانسواءِ ٽئين ??رم??م اها آهي ??ه جيڪڏهن هڪ دفعو ڪو آزاد اميدوار چونڊجڻ کانپ??ءِ ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري وٺو ته پ??ءِ ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نٿو ٿي سگهي. اهي ??قون آئين ۽ قانون ۾ موجود آهن. بل??ل اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ??رم??م) بل 2024ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea