اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آھي ته عالمي سطح تي ??ڀرندڙ معيشتن ۽ اسرندڙ ملڪن جي مالياتي ??عبن کي وڌيڪ آمدني رکندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڳرن خطرن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. اھا ڳا??ھه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل سا?? 2024ع جي مالياتي ۽ خوشحالي بابت رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آھي. رپورٽ ۾ مجموعي طور تي 50 ملڪن جي معيشتن جو تجزيو ڪيو ويو آھي، جائزي ھيٺ ملڪ مان 70 سيڪڙو ملڪ ايندڙ 12 مھينن ۾ گھٽ يا معتدل خطرن کي منھن ڏئي رھيا آھن پر گھٽ آمدني وارن ملڪن خاص طور تي وچ اوڀر، اتر آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪجھه بئنڪن کي قرضن جي خطرن کي وڌيڪ منهن ڏيڻو پوندو. رپورٽ مطابق اڀرندڙ معيشتن ۽ اسرندڙ ملڪن جون سينٽرل بئنڪون گھڻو ڪري ڪورونا جھڙي وبا جي اثرن کي منھن ڏيڻ ۾ ڪامياب رھيون آ??ن پر ڪجھه بئنڪن کي شديد مالي چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ بئنڪن حڪومتي قرضن ۾ سيڙپڪاري ڪئي آھي جنھن سبب انهن ملڪن ۾ مالياتي ??ستحڪام کي خطرا در پيش آھن. رپورٽ مطابق گھٽ آمدني وارن ملڪن ۾ مالياتي قاعدا ۽ ضابطا ڪمزور آھن، جنھن سبب بئنڪن کي مالي دٻاءَ کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، ڪجھه ملڪن ۾ حڪومتي قرضن جي ادائيگي نه ڪرڻ جا خطرا وڌي ويا آھن ۽ ان سبب بئنڪن جون مالي حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگھن ٿيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته حڪومتن ??ي مالياتي ??طرن کي گهٽائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آھي. بينڪنگ شعبي ۾ مضبوط ضابطن ۽ بحران جي انتظام جي نظام جو قيام ضروري آھي. رپورٽ مطابق مالياتي ??موليت ۾ بھتري آئي آھي ۽ ڪجھه ملڪن ۾ ماحول دوست فنانس کي ھٿي ڏيڻ جون ڪوششون جاري آھن. جڏھن ته وڌيڪ ملڪن ۾ مالياتي ??عبن جي ترقي اڃا تائين سستي ??و شڪار آھي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته حڪومتن ۽ مالياتي ??دارن کي بحران کان بچڻ لاءِ فوري ۽ اثرئتا قدم کڻڻ جي ضرورت آھي جيئن انھن ملڪن جي مالياتي ??ستحڪام کي برقرار رکيو وڃي.
عالمي سطح تي اڀرندڙ معيشتن ۽ اسرندڙ ملڪن جي مالياتي شعبن کي وڌيڪ آمدني رکندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڳرن خطرن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil