اسلام ??با?? – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مش??رڪه انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ميٽنگ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ساموا ۾ منعقد دولت مش??رڪه جي انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ ريزيلنٽ ۽ شموليت تي ٻڌل دولت مش??رڪه جي جوڙجڪ ۾ نوجوانن جي قيادت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم تي زور ڏنو جيڪ نوجوانن کي قائدا??و ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي. محمد اسحاق ڊار ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جهڙن قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن لکين نوجوانن کي تعليم، روزگار ۽ مش??وليت ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. هن نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام ميمورڊن آف ??نڊ?? اسٽينڊنگ تي نظرثاني ۽ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس جي شروعات شامل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته نوجوان نه رڳو ايندڙ سڀاڻي جا اڳواڻ آهن پر اڄ پاليسي سازي ۾ فعال طور تي حصو وجهي رهيا آهن، هن ڪلائميٽ ايڪشن ۽ ڊيجيٽل اختراع جا ادارا هلائڻ ۾ نوجوان اڳواڻن جي تعاون کي ساراهيندي دولت مش??رڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي نوجوانن کي هڪ مضبوط، وڌيڪ پائيدار مست??بل جي تعمير جي لاءِ حصيدارن جي طور تي اختيار ڪن ۽ دولت مش??رڪه ڪميونٽي جي لاءِ پائيدار اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل انٽرجنريشنل تعاون کي جاري رکن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ميٽنگ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II