اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته منهنجي انٽرويو کي هڪ اخبار ٽوڙي مروڙي پيش ڪ??و، اسان سمورن ججن جو احترام ڪريون ٿا، غلط رپورٽنگ پنهنجي ئي اداري جي ساک کي متاثر ڪري ٿي، ذميداراڻي رپورٽنگ هئڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي شروعات تي سوالن وارو وقفو شروع ٿيڻ کان اڳ اسپيڪر چيو ته مان سليم صافي کي پروگرام جرڳه ۾ انٽرويو ڏنو، منهنجي ڳالهه کي ناليواري روزاني اخبار ٽوڙي مروڙي پيش ڪ??و، اسان عدالتن جي فيصلن تي ڪڏهن ڪنهن کي نوٽيفاءِ نٿا ڪريون پر ال??ڪشن ڪميشن، چونڊن کان پوءِ ميمبرن جو نوٽيفڪيشن ڪڍي ٿي ۽ ضمني چونڊن ۾ پڻ ائين ئي ٿئي ٿو، نوٽيفاءِ ٿيلن کان ايوان ۾ حلف ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سمورن اشوز تي عدالت هميشه ال??ڪشن ڪميش آف پاڪستان کي لِکندي آهي، ال??ڪشن ڪميشن ان تي نوٽيفاءِ ڪندي آهي ته پوءِ اسان جي ذميداري بڻجي ٿي ته اسان کي ڪهڙو ايڪشن کڻڻو آهي. هن چيو ته پنهنجي ان انٽرويو ۾، مون جي يو آءِ (ف) جي هڪ عورت ميمبر جو مثال ڏنو ته هوءَ 07 ڏينهن مون وٽ ايندي رهي ته حلف کڻڻ ڏ??و، مون اهو ئي چيو ته ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان نوٽيفاءِ ڪرائي وٺو. هن چيو ته سمورن ججن جو احترام ڪريون ٿا، اهڙيءَ طرح جي غلط رپورٽنگ اداري جي ساک کي متاثر ڪندي آهي، صهافين کي ذميداراڻي صحافت ڪرڻ گهرجي.
منهنجي انٽرويو کي هڪ اخبار ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، غلط رپورٽنگ پنهنجي ئي اداري جي ساک کي متاثر ڪري ٿي: قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی