اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ورلڊ بئنڪ جي ٽيم روانگي واپار ۾ سڌارن جي ايجنڊا تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت مان جاري پڌرائيءَ مطابق ملاقات ۾ روانگي واپار کي وڌ??ئڻ ۽ قابل عمل پاليسين کي اختيار ڪرڻ جي حڪمت عملين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڄام ڪمال خان روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪومت ط??فا?? کنيل قدمن بابت وفد کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي وفد کي ٻُڌايو ته مسابقت کي بهتر بن??ئڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ لاءِ حڪومت هڪ متحد پاليسي فريم ورڪ تحت ڪم ڪري رهي آهي. اها هڪمت عملي پاڪستان جي روانگي واپار جي شعبي کي بااختيار بن??ئڻ لاءِ مالياتي، ليڪويڊيٽي سپورٽ، ان پٽ لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ ريگيوليٽري سهولت جهڙا اهم عمل فراهم ڪري روانگي واپار کي هٿي وٺر??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عالمي بئن?? پرڏيهه مشنز ۾ مقرر پاڪستان جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرز (ٽي آءِ اوز) لاءِ پنهنجي حمايت جو سلسلو جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير واپار واري وزارت ط??فا?? 17 سيڪٽرل ڪائونسلن جي تازي قيام بابت وفد کي ٻُڌايو جنهن جو مقصد پاليسي بن??ئڻ جي عمل ۾ نجي شعبي جي شموليت ۽ ان کي تقويت ڏيڻ آهي. پاليسي سازي جي عمل کي تقويت ڏيڻ لاءِ حڪومت ط??فا?? کنيل قدمن کي عالمي بئنڪ جي ٽيم ط??فا?? ساراهيو ويو. ٻنهي ڌُرين واپار تي هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ بڻ??ئڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن جو وقت بوقت اجلاس ٿيندو ته جيئن پاڪستان جي 60 ارب ڊالرن جي روانگي واپار واري صلاحيت کي حاصل ڪرڻ جي هدفن کي اڳتي وڌائي سگهجي.
واپار واري وفاقي وزير سان ورلڊ بئنڪ جي ٽيم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ