اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اچو ته اڄوڪي ڏينهن اسان علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪرڻ، انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين تي ٻڌل قوم جي تعمير جو وچن ڪريون. اڄ اسان بصيرت افروز شاعر ۽ فلسفي ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي يوم ??يد??ئش جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. و??ير??عظم محمد شهباز شريف ڪالهه ڇنڇر ڏينهن علامه اقبال جي يوم ??يد??ئش جي موقعي تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس فڪر ۽ لکڻين اسان جي قوم جي طرز عمل تي گهرا اثر ڇڏيا آهن ۽ اهي اسان لاءِ روشن راهه جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪي اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اڻٿڪ محنت تي زور ڀرين ٿيون. و??ير??عظم چيو ته علامه محمد اقبال ج?? شاعري پنهنجي وقت جي عڪاسي ئي نٿي ڪري پر عمل ۽ خو??شن??سي جي لازوال دعوت پڻ آهي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو اعتدال پسندي سان بلند ٿي پختي ايمان ۽ محنت ذريعي عظمت حاصل ڪن. و??ير??عظم محمد شهباز شريف پنهنجي پوسٽ ۾ علامه محمد اقبال جو شعر به پوسٽ ڪيو ته ”تنما آبرو ڪي هو اگر گلزار هستي ۾، تو ڪانٽون ۾ الجهه ڪر زندگي ڪرني ڪي خو ڪرلي، نهين يه شان خودداري هين، چمن سي توڙ ڪر تجهه ڪو، ڪوئي دستار ۾ رک لي، ڪوئي زيب گلو ڪرلي“. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان علامه اقبال جو يوم ??يد??ئش ملهائي رهيا آهيون، اچو اسان اڄوڪي ڏينهن پنهنجي زندگي ۾ علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪرڻ ۽ هڪ اهڙي قوم جي تعمير جو وچن ڪريون جيڪا علامه محمد اقبال جي انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين جي عڪاسي ڪري.
علامه اقبال جي جنم ڏهاڙي تي سندس ويزن تي عمل ڪرڻ، انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين تي ٻڌل قوم جي تعمير جو وچن ڪريون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری