گڏيل قومون- 02 نومبر (اي پي پي)پاڪستان چيو آهي ته عالمي ترقياتي فنانسنگ جي ذريعن کي اهڙن طريقن سان ري ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا ??نا??گيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن لاءِ پهرين موجود قرضن جي بار ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري ڇاڪاڻ ته بي گهر ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سماجي، انساني ۽ ثقافتي معاملن بابت جنرل اسيمبلي کي ٿرڊ ڪميٽي ۾ گڏيل قومن جي ??نا??گيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرينڊي سان انٽرايڪٽو بحث دوران ڪيو ته عال??ي مالياتي ادارن طرفان ف??اهم ڪيل ڪيل رعايتي قرضن بدران عطيو ڏيندڙن کي ??نا??گيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن کي وقت سر، متوقع، ڊگهي مدي ۽ شعبي جي لحاظ کان فنڊز فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته مئي 2023ع تائين سڄي دنيا ۾ 110 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو جيڪو يو اين ايڇ سي آر جي تاريخ ۾ جبري لڏپلاڻ ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو هڪ سال جو اضافو آهي جيڪو خ??ني تڪرارن سبب ٿيو. سندس چوڻ هو ته ??نا??گيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي تعداد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ٽرپل بحرانن ڪورونا وائرس جي وبا، ماحولياتي تبديلي ۽ تڪرارن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو، عثمان جدون چيو ته موجوده پيچيده ۽ گهڻ رخي چئلينجن ۾ تحفظ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ??نا??گيرن بابت عال??ي معاهدي سميت سمورن عالمي واعدن تي عملدرآمد ذريعي پائيدار حل ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ مضبوط ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي مالي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن باوجود 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان افغان ??نا??گيرن جي ميزباني ۾ بي مثال سخاوت ۽ مهمان نوازي جو مظاهرو ۽ تحفظ ۽ سهولت جي اعليٰ ترين معيارن تي عمل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1.4 ملين کان وڌيڪ رجسٽرڊ افغان ??نا??گيرن ۽ تقريبن 9 لک افغان سٽيزن شپ ڪارڊ هولڊرز جي ميزباني ڪئي، پاڪستان کين پنهنجي شهرين جي برابر صحت، تعليم ۽ سهولتون ف??اهم ڪري ٿو، انهن ??نا??گيرن کي سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ مفت داخلا ۽ اسڪالرشپ سان گڏوگڏ اعليٰ ۽ پيشيوراڻي تعليم تائين پهچ سان گڏوگڏ روزگار جا ڪافي موقعا ۽ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي اجازت به حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ ??نا??گيرن جي مدد لاءِ وڌيڪ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت اهي ۽ انهن قدمن ۾ انساني همدردي جي بنياد تي مالي مدد وڌائڻ لاءِ نون حصيدارن، رياستن ۽ ادارن تائين پهچ حاصل ٿئي. هن جو چوڻ هو ته اهو ڏسندي ته اسرندڙ ملڪ محدود وسيلن سان 85 سيڪڙو ??نا??گيرن جي ميزباني ڪن ٿا، اهو بار وڌيڪ مشڪل ٿي ويندو آهي ان لاءِ يو اين ايڇ سي آر کي پنهنجي عالمي آپريشنز پاليسي جوڙيندي ??نا??گيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن جي مقامي ضرورتن لاءِ حساسيت جو احساس هجڻ گهرجي. پاڪستاني سفير چيو ته تجربي ثابت ڪيو آهي ته ??نا??گيرن جي ڊگهي صورتحال لاءِ رضاڪاراڻو وطن واپسي ۽ اصل ملڪن ۾ ٻيهر ضم ٿيڻ واحد پائيدار حل آهي. هن ??نا??گيرن جي پنهنجي وطن واپسي لاءِ مڪمل فنڊڊ پروگرامن جو مطالبو ڪندي چيو ته اصل ملڪن لاءِ سرڪاري ترقياتي امداد (او ڊي اي) ۾ اضافو ڪن ته جيئن هو واپس ايندڙن جي مدد ڪري سگهن، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پابنديون ختم ڪيون وڃن جيئن افغانستان جي معاملي ۾ آهي.
عالمي ترقياتي فنانسنگ کي اهڙن طريقن سان ري ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا پناهگيرن جي ميزبان ملڪن جي قرضن جي بار ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ