جڪارتا-08 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا اسرائيلي فوج جي ترجمان جي انهن بيانن جي ترديد ??ئي آهي ته جن ۾ چيو ويو هو ته غزه ۾ انڊونيشيا جي مالي مدد سان تيار ٿيندڙ هڪ اسپتال جي هيٺان حماس جون سر??گه??ن آهن ۽ هي راڪيٽ حملن لاءِ هڪ پليٽ فارم سان جڙيل آهن. سعودي خابرو اداري موجب اتر غزه جي پٽي ۾ واقعي هي اسپتال انڊونيشيا جي فنڊزن ٺاهيو ويو هو، انڊونيشا جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته غزه ۾ انڊونيشي اسپتال هڪ اهڙي سهولت آهي جيڪا اسان جي عوام انساني همدردي تحت غزه ۾ فلسطيني عوام ج?? طبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ??ئي آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان اقبال محمد چيو ته غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سر??گه?? جي موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙ آهي، اسپتال کي هلائڻ واري تنظيم (ايم اي آر – سي) ان ڳالهه جي ترديد ??ئي آهي ته اسپتال حماس جي استعمال هيٺ هئي، هي بيان اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هاگري جي اعلان کانپوءِ هڪ ڏينهن بعد ۾ سامهون آيو جنهن ۾ هن دعويٰ ??ئي هئي ته اسپتال هڪ اهڙي جڳهه تي ٺاهيوويو آهي جيڪو حماس جي سر??گه?? جي نيٽ ورڪ کي لڪائي ٿو، هن چيو هو ته حماس اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ لاءِ ويجهي جڳهه کي اڏي طور استعمال ڪري رهي آهي.
غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سرنگهن جي موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙو آهي: انڊونيشيا
مضمون کا ماخذ : بونانزا