گڏيل قومون-25 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ??ار?? ۾ شهيد ٿيل بابري مسجد واري هنڌ تي رام مندر جي افتتاح جي مذمت ڪندي گڏيل قومن جي الائنس آ?? سويلائيزيشنز (يو اين اي ا?? سي) جي اعليٰ عهديدار تي زور ڀريو آهي ته هو ??ار?? ۾ اسلامي ملڪيتن ۽ ماڳن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سفيرن جي اجلاس ۾ چئي. پاڪستان مشن طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪستاني نمائندي منير اڪرم او آءِ سي جي ساٿين سان هڪ خط شيئر ڪيو جنهن ۾ هن يو اين اي ا?? سي جي اعليٰ نمائندي ميگوئل اينجل موراٽينوس کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايوڌيا ۾ ٿيل واقعي ??ار?? ۾ هندو مذهبي اڪثريت جي ٻين سان اڻبرابري واري سلوڪ ۾ پريشان ڪندڙ اضافي جي نشاندهي ڪئي آهي. هن يو اين اي ا?? سي جي سربراهه کي پنهنجي خط ۾ چيو ت?? گذريل 31 سالن ۾ ٿيل اڳڀرائي، جيڪا تازي تقريب ۾ پڄاڻي تي پهتي، ??ار?? ۾ هندو اڪثريت پسندي ۾ پريشان ڪندڙ اضافي طرف اشارو آهي. هي رجحان ??ار??ي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ڀلائي سان گڏوگڏ خطي ۾ هم آهنگي ۽ امن لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. هن او اءِ سي جي سفيرن سان جيڪو خط شيئر ڪيو ان ۾ اهو به چيو ته افسوس سان هي ڪو ڌار واقعو نه آهي، ڇاڪاڻ ته وانسي جي گيان نواپي مسجد ۽ مٿرا جي شاهي عيدگاهه مسجد سميت ٻين مسجدن کي ??ه اهڙي طرح بي حرمتي ۽ شهيد ڪرڻ جا خطرا درپيش آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته هو ??ار?? ۾ مذهبي ماڳن جي تحفظ لاءِ اوهان جي فوري مداخلت لاءِ لکي ??هيو آهي، اوهان جي قيادت تحت گڏيل قومن جي الائنس آ?? سويلائيزيشن (يو اين اي ا?? سي) کي ??سلامي ثقافتي ماڳن جي حفاظت ۽ ??ار?? ۾ مذهبي ۽ ثقافتي اقليتن جي حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اوهان کي مذهبي ماڳن جي تحفظ لاءِ ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي. اسان اوهان کي ??رخواست ڪريون ٿا ته ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ ڪوششون تيز ڪريو ۽ ??ار?? ۾ مذهبي ماڳن جي تحفظ کي يقيني بڻايو. او آءِ سي جي سفيرن ان مسئلي جي اهميت کي ??سليم ڪيو، ڪجهه سفيرن، ڪجهه يورپي ملڪن ۾ مسجدن تي حملن جو ذڪر ڪيو، گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل نمائندي رياض منصور اسرائيل طرفان مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي ۽ والاريل علائقن ۾ مسجدن ۽ گرجاگهرن جي بي حرمتي طرف ڌيان ڇڪرايو. اجلاس ۾ ان معاملي کي ??و آءِ سي جي ايندڙ سفيرن جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پاڪستان گڏيل قومن جي الائنس آف سويلائيزيشن کي خط ۾ رام مندر جو معاملو اٿاري ڇڏيو: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria