ڍاڪا – 08 جنوري (اي پي پي) ??نگ??اديش جي عا?? چونڊن ۾ اپوزيشن پارٽي بي اين پي ۽ ان جي اتحادين جي بائيڪاٽ کانپوءِ شيخ حسينه جي حڪمران پارٽي عوامي ليگ ٻه ڀاڱي ٽي سيٽون حاصل ڪري ورتيون. ڀارتي اخبار سياست جي رپورٽ مطابق تازن نتيجن ۾ عوامي ليگ جي سيٽن جو انگ 200 تائين پهچي چڪو آهي اهڙي طرح ان کي 300 رڪني پارليامنٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي. عا?? چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ۽ اڪثر هنڌن تي تشدد جا واقعا پڻ ڏسڻ ۾ آيا. ??نگ??اديشي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته اسان اڳ ۾ کان دستياب نتيجن سان عوامي ليگ کي ڪامياب قرار ڏ??ي سگهون ٿا پر حتمي اعلان ٻين تڪن جي ڳڻپ کانپوءِ ڪيو ويندو. عوامي ليگ جي سربراهه شيخ حسينه 1986 کانپوءِ اٺون ڀيرو گوپال گنج-3 تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي. شيخ حسينه وزيراعظم 2009 کان اقتدار ۾ آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی