گڏيل قومون-19 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ آدري سرحد گ??ٽ کي 3 م??ينن لاءِ کولڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، ته جيئن ملڪ ۾ جنگ متاثر ماڻهن لاءِ انساني امداد جي فراهمي جي اجازت ڏئي سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مُوجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گ??تريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ لکت واري بيان ۾ چيو آهي ته انتونيو گ??تريش سوڊان جي اختيارين جي ان فيصلي جي آجيان ڪندي انساني امداد تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ ٺوس ۽ جٽادار قدمن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انساني امدادي تنظيمن کي دارفر ۽ سڄي ملڪ ۾ شهرين تائين محفوظ ۽ بنا رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومون لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاء?? پرعزم آهن، ته جيئن سوڊان جي عوام جي اهنجن کي گهٽائي سگهجي ۽ تڪرار جي خاتمي ۾ مدد ملي سگهي. سوڊان جي حڪومت 25 جولاءِ تي اعلان ڪيو هو ته آدري سرحد گ??ٽ کي ان بنياد تي بند ڪيو ويو هو ته ان کي قوت الحرڪ هٿيارن فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو هو. 15 آگسٽ تي سوڊان چاڊ سان آدري سرحد گ??ٽ کي 3 م??ينن لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ملڪ ۾ جنگ کان متاثر ماڻهن تائين امداد په??ائ?? جي اجازت ڏئي سگهجي.
گڏيل قومن پاران سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ سرحد کولڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین