ٽوڪيو _ 13 آگسٽ (اي پي پي ) جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي عالمي هوائي اڏي کي ڪارگو ??هاز جي هنگامي لينڊنگ سبب بند ڪيو ويو. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن ايٽلس ايئر جو لاس اينجلس لاءِ روانو ٿيل بوئنگ 747 ڪارگو ??هاز هائيڊرالڪ سسٽم جي خرابي سبب ٽوڪيو جي ناريتا هوائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪئي جنهن دوران جهاز جو هڪ ٽائر ڦاٽي پيو . حادثي سبب ه??ائي اڏي جو رن وي اٽڪل 7 ڪلاڪن تائين بند رهيو. جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت مطابق ان واقعي ۾ جهاز ۾ سوار عملي جي ستن ميمبرن مان ڪو به زخمي ناهي ٿيو. رن وي جي بندش باوجود ٻين ا??امن جي اچ وڃ ۾ ڪا خاص دير نه ٿي ۽ نه ئ?? وري ڪا اڏام ملتوي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ