ماسڪو-29 نومبر(اي پي پي) روس جي سائنسدانن 2027ع تائين روشني جي رفتار سان ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر ٺاھڻ جو اعلان ڪيو آھي جنھن جي رفتار موجوده تيز رفتار ڪمپيوٽر جي ڀيٽ ۾ ھڪ سو کان ھـڪ ھزار سيڪڙو وڌ??ڪ ھوندي. پرڏيھي رپورٽ م??اب?? روس نيشنل سينٽر فار فزڪس اينڊ ??يٿاميٽڪس (اين سي پي ايم) جي سائنسدان اليگزي??ڊر سرگئيف چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ اسان ڏهون تي وڌ??ڪ طاقت واري 19 في سيڪنڊ کان وڌ??ڪ پراسيسنگ جي رفتار سان آپريشن جي طاقت سان گڏ ھڪ ورڪنگ پروٽو ٽائپ ٺاھڻ جو ارادو ڪيو آھي جيڪو عالمي سطح تي موجوده ڪمپيوٽرن جي رفتار کان نمايا طور تي وڌ??ڪ آھي. اھو ھڪ طاقتور ھائبرڊ اليڪٽرانڪ فوٽو ونگ ڪمپيوٽر سسٽم جو ورڪنگ پروٽو ٽائپ ھوندو جيڪو ڊيٽا کي روشني جي رفتار سان پراسيس ڪندو. اليگزي??ڊر سرگئيف چيو ته مشھور عالمي ڪمپنين جي تيار ڪيل پنھنجي يونيورسل پراسيسرز ۽ گرافڪس پراسيسرز ۽ گرافڪس پراسيسنگ يونٽس وارن جديد ڪمپيوٽرن بدران ان جو خصوصي ڪمپيوٽنگ سسٽم ڪيترن ئي ڪمن کي حل ڪرڻ ۾ نمايا طور تيز رفتاري جو مظاھرو ڪري سگھي ٿو جيڪو 100 کان 1000 سيڪڙو تائين ٿي سگھي ٿو ۽ اھو گھٽ بجلي جي ا??تعمال سان گڏو گڏ پنھنجي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪندو. سال 2030ع تائين امڪاني طور پراسيسنگ انتھائي سطح تائين پھچي سگھي ٿي. رپورٽ م??اب?? ان ڪمپيوٽر جي تياري جي منصوبي تي ڪم ڪندڙن ۾ روس جو وفاقي نيوڪليئر سينٽر، روس جي ريسرچ انسٽي ٽيوٽ آف ايڪسپيريمينٽل فزڪس ۽ اسماراسٽيٽ يونيورسٽي جا ماھر شامل آھن.
روس جي سائنسدانن پاران ٻن سالن اندر روشني جي رفتار سان ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں