راولپنڊي – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ ثقافتي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي ??يادت ۾ پاڪستان هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، وزيراعظم جي ??يادت ۾ دهشتگردي تي ضابطو آندو ۽ راندين جا ميدان آباد ڪيا. عمران خان راندين جي ترقي راولپنڊي ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي اچي ڏسي، تنقيد ڪندڙ پنجاب جي ترقي کي ڏسي تنقيد وساري ويهندا، جيڪي صرف سياست ڪرڻ آيا هئا انهن کي واپس اچڻ جي ??ري توفيق ناهي ٿي،وزيراعظم قومي صحت پروگرام پاڪستان ۽ ايشيا جو وڏو پروگرام آهي، پرائم منسٽر ??يجوڪيشن پروگرام مثالي پروگرام آهي، پوري دنيا پاڪستان جي ترقي ۽ ادارن ۾ بهتري جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ جي ??وڊشيڊنگ 3 کان 4 ڪلاڪن تائين رهجي ??ئي آهي، 30 سالن جي ??لڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ايترن منصوبن تي ڪم ناهي ٿيو جيترو گذريل سال ساڍا ٽن سالن ۾ ٿيو آهي، سمورا منصوبا هن سال ۽ ايندڙ سال جي آغاز ۾ مڪمل ٿي ويندا، هي منصوبا پاڪستان جي عوام ۽ سمورن صوبن جي ??اءِ آهن، بلوچستان کي اقتصادي راهداري جو تحفو ڏنو آهي، سنڌ ۾ موٽر وي، گرين لائين ۽ صاف پاڻي جي ??راهمي جو منصوبو به جاري آهي، خيبرپختونخوا ۾ به تيزي سان موٽر وي بڻجي رهي آهي، ٻين صوبن ۾ به پنجاب جيئن ترقي چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻي شهباز شريف ٽي 20 ڪرڪيٽ جي ??ائنل جي ??وقعي تي ميڊيا جي ??مائندن سان ڳالهائيندي ڪيو.
وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha