سيالڪوٽ – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنجاب ۾ تمام جلد وڌيڪ ادارا ج??تي سڌارا متعارف ڪرائيندي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت رياستي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، موجوده حڪومت انهن ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اربع ڏينهن هتي ڪوبي چڪ بجوات ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت طرفان بلدياتي نظام حڪومت جي حوالي سان قانون سازي صوبي جي عوام جي خواهشن جي عڪاس آهي، صوبائي حڪومت ان طرح جي قانونسازي ڪندي رهندي، هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ق??ادت پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ سياست ڪري رهي آهي، (ن) ليگ جي حڪمرانن تخت لاهور تي قبضو ڪري ق??مي دولت کي ٻنهي هٿن سان ڦريو ۽ قومي ادارن کي به ڪمزور ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش