لاهور – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خصوصي معاون ڊآڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نيب چيئرمين با??ت تقراري ٽيپ انجنيئر ڪئي وئي، نيب کي گهرجي ته فوري طور تي پنهنجي ترجمان وسيلي ميڊيا ۾ هلندڙ بحث کي روڪرائي، مخالف ڌر اهڙين جعلي آڊيو ٽيپ جي وسيلي پنهنجا مقصد حاصل نٿي ڪري سگهي، سياسي يتيمن جو ٽولو ۽ سياسي لاشن جو جمعي با??ار پنهنجي سياسي مردي کي زنده ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ عمران خان تي تنقيد ڪري رهيو آه??، عدالتي مفرور جعلي اڪائونٽس، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي ڪيسز ۾ عدالت ۽ نيب کي مطئمن نه ڪري سگهيا ۽ هاڻي نيب چيئرمين جي حوالي سان من گهڙت وڊيو ٽيپ انجنيئر ڪري مارڪيٽ ۾ اڇلائي رهيا آهن ۽ وزيراعظم کي ڄاڻي واڻي ان پوري معاملي ۾ گهيليو پيو وڃي، هو مقامي هوٽل ۾ سياسي اڳواڻن ذڪريه بٽ جي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل افطار ڊنر کي خطاب ڪري رهي هئي.
نيب چيئرمين بابت تقراري ٽيپ انجنيئر ڪئي وئي آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste