اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي رل??ف پئڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي لاءِ اعلان ڪيل 50 ارب رپين جي منظوري سميت وڌيڪ 6 ضمني ??رانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊ??يزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڇهن ضمني ??رانٽس جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تي عملدرآمد ڪندڙ ايجنسين جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي لاءِ 84 ڪروڙ 20 لک رپيا، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي لاءِ 90.459 ملين رپيا ۽ پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني ??رانٽس جي منظوري ڏني وئي، پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني ??رانٽس سان دفاع ??اري وزارت هيلي ڪاپٽر جي مرمت لاءِ وڌيڪ پرزا خريد ڪندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد