اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت پاران تعميراتي ۽ ??رق??اتي سرگرمين جي لا??ِ سرڪاري اجازتنامن ۽ اين او سيز جاري ڪرڻ جي لا??ِ آن لا??ن پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لا??ِ قائم ڪيل و??ب پورٽل جي ڪم، خاصيتن ۽ ان جي موثر هجڻ بابت معاملن جو عملي طور تي جائزو ورتو. وزيراعظم ميڊ??ا آفيس پاران جاري بيان موجب هن ويب پورٽل قائم ڪرڻ جو مقصد بلڊرز کي ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي، گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت ۽ مقرر مدي جي اندر تيزي سان درخواستن کي اڪلائڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ويب پورٽل درخواستن کي هڪ ئي وقت اڪلائڻ جي لا??ِ سمورين آفيسن سان هڪ ئي وقت واڳيل آهي. چيف سيڪريٽري کي سڌوسنئون ڊيش بورڊ جي سهولت حاصل آهي ته جيئن هو درخواستن تي جاري عمل جي نگراني ڪري سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو نوٽيس وٺي سگهي.
وزيراعظم پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرمين سان لاڳاپيل معاملن بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ