اٽڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻا وزيراعظم ۽ وزير ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيندا رهيا، قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي پاڻ ٻاهر وڃي ويهي رهيا ۽ شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن، ??نه?? جي والد جي سائيڪل جو دڪان هو اڄ رولز رائس گاڏين جا مالڪ آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ تماشو ٿي رهيو آهي، ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ منڊي لڳل آهي، قيمتون لڳي رهيون آهن، مخالف ڌر جلسن سان اس??ن کي نٿي ڪيرائي سگهي، هاڻي ماڻهن کي خريد ڪري پنهنجا وڌيڪ سينيٽرز چونڊرائڻ چاهين ٿا اها ڪهڙي جمهوريت آهي، ماضي ۾ ملڪ ۾ ٻيلن کي بي دردي سان ختم ڪيو ويو، مو??مياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبي کي ڪامياب بڻائڻو پوندو، خيبرپختونخوا وانگر پنجاب ۾ به هلندڙ سال جي آخر تائين سمورن شهرين کي هليٿ انشورنس جي سهولت ملي ويندي، ن??جو??نن کي روزگار جي فرا??مي لاءِ ڪامره ۾ ٽيڪنالاجي زون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار غازي بروٿا ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بدقمستي سان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي مو??مياتي تبديلي جي اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن،گرين هائوسز گئسن جي اخراج سان دنيا ۾ سراسر گرمي پد وڌي رهيو آهي ان لاءِ اس??ن کي هر اهو قدم کڻڻ گهرجي ??نه?? سان سراسري گرمي پد ۾ ٿيندڙ ان اضافي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ان مقصد لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي ضرورت آهي، وڻ لڳائڻ اس??ن جي مستقبل لاءِ تمام ضروري آهن. هتي 10 لک وڻ لڳايا پيا وڃن پر انهن جي حفاظت جي ذميداري ن??جو??نن تي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اس??ن ن??جو??نن کي راندين جا ميدان به ٺاهي ڏينداسين. ن??جو??نن لاءِ راندين جي ميدانن جي فرا??مي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڻ اس??ن جي مستقبل ۽ راندين جا ميدان ن??جو??نن جي صحت لاءِ ضروري آهن.
اڳوڻا حڪمران قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ٻاهر شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل