اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چو??ڊن ۾ شفافيت تي زور ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلي جو احترام ڪندي، سينيٽ چو??ڊن ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ هارس ٽريڊنگ جي تاريخ گواه آهي، چاهيون ٿا ته سينيٽ جا ميمبر شفاف طريقي سان چو??ڊجي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر سجاد خان طوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو صلاحڪار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ان موقعي تي ايندڙ سينيٽ چو??ڊن جي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ