اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير ??يخ رشيد احمد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو ??ارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏينهن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو ويندو. وزيراعظم عمران خان 5 سا?? پورا ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس اسلام آباد کي مثالي شهر بڻائي طاقتورن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل مسئلو هي آهي ته صرف غريب ئي قانون جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. گذريل ڏينهن ايگل اسڪواڊ جي فليگ مارچ جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سا?? ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شهر کي مثالي شهر بڻائي اسلام آباد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ڊيلرن ۽ ريڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آهي ته غريب قانون جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.
وزيراعظم عمران خان حڪومت جا 5 سال پورا ڪندو، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي بهتريءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن