اسلام آباد – 06 – س??پٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 6 س??پٽ??بر جو سج هر سال اسان جي قومي جذبي ??ي ياد تازي ڪرڻ ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي وچن کي ورجائڻ جي لاءِ اڀري ٿو، پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو اسان جي اتحاد ۽ يڪجهتي جو بهترين عڪاس آهي، اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج سان گڏجي ملڪ جي تح??ظ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 6 س??پٽ??بر جو سج هر سال اسان جي قومي جذبي ??ي ياد تازي ڪرڻ ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي وچن کي ورجائڻ جي لاءِ اڀري ٿو. 6 س??پٽ??بر 1965ع تي اسان جي بهادر هٿياربند فوج پوري قوم سان گڏ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي سدائين جي لاءِ ان ڏينهن کي جرئت، بهادري، ايثار، قرباني ۽ قومي يڪجهتي جو استعارو بڻائي ڇڏيو. اسان انهن لمحن کي مشعل راهه بڻائيندي اندروني چئلينجز ۽ ٻاهرئين سازشن کي شڪست ڏني ۽ س??پٽ??بر جذبي ??ي اسان کي خودانحصاري جي منزل سان سرشار ڪري اسان جي آزادي ۽ خودمختياري کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج سان گڏجي ملڪ جي تح??ظ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو اسان جي اتحاد ۽ يڪجهتي جو بهترين عڪاس آهي. هن چيو ته دفاع جو جذبو رڳو 6 س??پٽ??بر تائين محدود نه آهي پر ان جو حقيقي روح سڄو سال زندهه رهي ٿو، پاڪستانين ۽ پاڪ فوج جو اهو جذبو پوري دنيا ڏسي چڪي آهي. 6 س??پٽ??بر 1965ع جي شهيدن ۽ غازين کي سلام جن ملڪ جي دفاع جو فرض سرانجام ڏنو. چوڌري فواد حسين چيو ته دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خاتمي ۾ پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهترين پيشيواراڻي مهارت ۽ قومي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عالمي امن جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
6 سيپٽمبر جو سج هر سال اسان جي قومي جذبي جي ياد تازي ڪرڻ ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي وچن کي ورجائڻ لاءِ اڀري ٿو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ