ڪراچي – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سا??ون??ي آلودگي ۾ گهٽتائي بحري شعبي جي پائيداري لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان موثر ڪوششون ڪر?? رهيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ ميري ٽ??ئي?? ڊي جي موقعي تي منعقد سيمينار کي اسلام آباد مان وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام ميري ٽ??ئي?? معاملن جي وزارت مقامي هوٽل ۾ ڪيو هو، صدر چيو ته پاڪستان سا??ون??ي وسيلن سان مالا مال آهي ان جون بندرگاهون ۽ شپ يارڊ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي وڏو ڪردار ادا ڪر?? رهيون آهن.
صدر چيو ته بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي پاڪستان جي سا??ون??ي حدن ۽ ساحلي علائقن مان آلودگي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيو آهي جنهن جي ڪري ماهيگيري جي شعبي ۾ بهتري اچ?? رهي آهي.
ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽ??ئي?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن پر بدقسمتي سان سيڙپڪار ان شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه نه آهن.
وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي چيو ته ڪيترائي شعبا بليو اڪانومي سان ڳنڍيل آهن، اسان ماهيگرن جي ترقي لاءِ هڪ ڪامياب ماهيگير پروگرام شروع ڪيو آهي، انهن کي آسان قسطن ۾ قرض فراهم ڪرڻ گهرجي.