اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي ??ه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي. هن اها ڳالهه ٽ??ئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آهي. وزيراعظم چيو ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاق??تن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳا??هه ٻو??هه کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت ??ي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شموليت جي لاءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي ??ه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي.
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری