اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اف??انستان جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، اف??انستان مان پاڪستان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن اف??انين جي مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي، پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، دنيا اف??انستان جي هنگامي ??ور??حال جو نوٽيس وٺي انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اف??انستان جي لاءِ خاص طور تي قائم بين الوزارتي رابطا سيل جي دوري ۽ اف??انستان جي لاءِ قائم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قو مي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ايپڪس ڪميٽي کي اف??انستان جي ??ور??حال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ انساني همدردي ۽ هنگامي ??ور??حال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اف??انستان جي لاءِ 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئي. امدادي شين ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، دوائون ۽ ميڊيڪل سامان ۽ سردين جي لاءِ سامان شامل آهي. ان کانسواءِ اف??انستان مان پاڪستان اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن اف??انين جي لاءِ مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي. انساني همدردي جي بنياد تي وزيراعظم اف??انستان جي لاءِ ڀارت پاران 50 هزار ميٽرڪ ٽن امدادي ڪڻڪ جيڪا پاڪستان مان گذري وڃڻي آهي، جي لنگهه جي اجازت ڏني. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته علاج جي لاءِ ڀارت ۾ ڦاٿل اف??انين جي پاڪستان جي رستي وطن واپسي ۾ مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اف??انين رهواسين جي سهولت لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ ٽن هفتن جي اندر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم اف??انستان جي امداد جي لاءِ قدمن ۽ ??ار??ر مئنيجمينٽ کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته اف??ان رهواسين جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، سرحدن تي مقرر اهلڪارن جي صلاحيت وڌائي وڃي ۽ سرحدن جي صوابديدي بندش نه ڪئي وڃي. ايپڪس ڪميٽي اف??انستان ۾ هنگامي ??ور??حال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت اف??ان رهواسين جي مدد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم چيو ته اف??ان بهادر ترين قوم آهي، جن مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي، سالن جي تڪرارن کانپوءِ عالمي برادري تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها اف??ان عوام جي مدد ڪري ته جيئن اهي امن ۽ استحڪام جي ماحول ۾ رهي سگهن. هن چيو ته دنيا اف??انستان جي هنگامي ??ور??حال جو نوٽيس وٺي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم قومي سلامتي واري صلاحڪار کي هدايت ڪ??ي ته هو اف??انستان جو دورو ڪري ۽ وفدن جي سطح تي پڻ اف??ان عمدارن سان امداد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وڃن.
وزيراعظم پاران افغانستان لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، افغانستان مان پاڪستان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد